ڪئنال منصوبي جو خاتمو سنڌ جَي باشعور عوام جي ڪاميابي قرار

ڪئنال منصوبي جو خاتمو سنڌ جَي باشعور عوام جي ڪاميابي قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري ڪئنال منصوبي جو خاتمو سنڌ جَي باشعور عوام جي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو، پير پاڳاري جو چوڻ آهي ته ڪئنال منصوبو ختم ٿيڻ ڪنهن سياسي پارٽي نه پر سنڌ جي نوجوانن، ٻارن، بزرگن ۽ عورتن جي ڪاميابي آهي، سنڌ جي عوام سخت گرمي ۾ حقن خاطر مثالي احتجاج ڪيا، جنهن سبب ڪاميابي ملي، سرحدن تي جنگ جا خطرا آهن، هن وقت سڄي قوم کي پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي، سڄي قوم ۽ حرجماعت پنهنجي هٿيار بند فوج سان گڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو