ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ سرڪار شهر جي سپر اسٽورن ۽ سپر مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿيندڙ برانڊڊ شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اهم فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ برانڊڊ شين جي تياري جي لاڳت ۽ ان تي منافعي جي مارجن بابت ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊائريڪٽر جنرل بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز ڊاڪٽر زاهد حسين شر جي صدارت هيٺ اڄ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بيورو آف سپلائي جي اعليٰ آفيسرن سان گڏوگڏ ڪراچي جي تمام وڏن سپر اسٽورن ۽ سپر مارڪيٽن جي نمائندن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر زاهد حسين شر واضح ڪيو ته هاڻي ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪندڙ سڀني ادارن لاءِ لازمي هوندو ته اهي بيورو آف سپلائي وٽ پنهنجن گودامن جو باقاعدي اندراج ڪرائين ۽ انهن جي تجديد کي يقيني بڻائين. هن صارفين جي حقن جي تحفظ تي زور ڏيندي چيو ته صارف تحفظ ايڪٽ تي مڪمل عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي.ڊي جي بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز شريڪن کي آگاهي ڏني ته سنڌ حڪومت کين ضروري شين جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ، ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري کي روڪڻ سان گڏوگڏ ڪراچي ۾ تيار ڪيل ۽ برانڊڊ ضروري شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو خاص اختيار ڏنو آهي. هن اعلان ڪيو ته ڪراچي ۾ ايندڙ مهيني تائين سڀني برانڊڊ شين جون حتمي قيمتون مقرر ڪيون وينديون. ان کان اڳ شين جي تياري جي اصل لاڳت ۽ ان تي رکيل منافعي جي شرح بابت مڪمل ۽ تفصيلي معلومات گڏ ڪئي ويندي. ڊاڪٽر زاهد حسين شر آفيسرن کي سخت هدايت ڪئي ته قيمتن جي مناسب ضابطي کي يقيني بڻايووڃي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ناجائز منافعي خوري جي اجازت نه ڏني وڃي.ڊاڪٽر زاهد حسين شر ان موقعي تي وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو هي اهم قدم ڪراچي جي شهرين کي برانڊڊ شيون مناسب ۽ ڪنٽرول ٿيل قيمتن تي آساني سان دستياب ڪرڻ ۽ شهر ۾ وڌندڙ مهانگائي تي مؤثر طريقي سان قابو پائڻ جي سنجيده ڪوششن جو هڪ اهم حصو آهي.










