ڪينالن جو معاملو پنجاب جي وزيرن خراب ڪيو

ڪينالن جو معاملو پنجاب جي وزيرن خراب ڪيو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب وزيراعظم کان ڪينالن جا منصوبا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي الزام لڳايو آهي ته ڪئنالن جو معاملو پنجاب جي وزيرن خراب ڪيو.ايمپريس مارڪيٽ صدر ۾ پارڪنگ ايريا جي افتتاح جي موقعي تي ڳلهيون ڪندي مرتضيٰ وهاب الزام لڳايو ته ڪئنالن جي معاملي کي پنجاب جي وزيرن خراب ڪيو، سنڌ پنهنجي ڪيس کي مضبوطي سان وڙهيو، وزيراعطم کي بلاول ڀٽو جي مطالبي تي ڪينال منصوبي کي ختم ڪرڻ گهرجي.مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان غير مشروط طور حڪومت جو ساٿ انهي لاءِ ڏنو هو ڇو ته اسان کي ملڪ ۾ امن، خوشحالي پياري آهي پنجاب جي وزيرن طرفان ڏنل بيانن کان پوءِ اهي معاملا خراب ٿيا. هن چيو ته اها ڳالهه چٽي ظاهر آهي ته پاڻي گهٽ ٿي رهيو آهي هڪ حصي جو پاڻي ڪٽي ٻئي کي نٿو ڏئي سگهجي. صدر زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير چئي چڪو آهي ته ڪينالن تي اسان کي خدشا آهن، اسان ترقي جي حق ۾ آهيون پر پاڻي جي گهٽتائي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ پاڻ چئي رهي آهي ته پاڻي جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف کي فوري طور تي ڪينالن جي منصوبي کي روڪڻ گهرجي. ٻئي پاسي ميئر ڪراچي ايمپريس مارڪيٽ ۾ پارڪنگ ايريا جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته پارڪنگ ايريا ۾ 500 کان وڌيڪ گاڏين جي گنجائش آهي. عوام کان جيڪو واعدو ڪيو هو اڄ انهي کي وفا ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو