ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪو معمولي ڏوهه ناهي پر عوام جي حفاظت لاءِ خطرو آهي.هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي،ڪُل 17,980 موٽرسائيڪلون ضبط ڪيون ويون،ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 308 ڳري ۽ هلڪي ٽرانسپورٽ گاڏيون ضبط ڪيون ويون،230 گاڏين جي رجسٽريشن عارضي طور تي معطل ڪئي وئي ۽ ڪجهه شرطن تي آزاد ڪئي وئي، شرجيل ميمڻ چيو ته ٽريفڪ بي ضابطگيون شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهن ٿيون، هي ڪريڪ ڊائون شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ کنيل عملي قدمن جو ثبوت آهي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، سندن چوڻ آهي ته آپريشن بي ترتيب جاري آهن، هي مهم صرف شروعات آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا، شهري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن ۽ غير قانوني ڪمن کان پاسو ڪن.










