ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ بلديا ٽائون سعيد آباد ويجهو شهرين جي تشدد ۾ ٽي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، رڪشا ۽ ٽرڪ جي ٽڪراءَ کان پوءِ، ڪاوڙيل ماڻهن ٽرڪ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي.جڏهن پوليس پهتي ته ڪاوڙيل ماڻهن پوليس تي لٺن ۽ پٿرن سان حملو ڪيو.ٽنهي زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ۽ انهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.










