وڪيلن پاران ڪراچي حيدرآباد موٽر وي به بند ڪرڻ جو اعلان

وڪيلن پاران ڪراچي حيدرآباد موٽر وي به بند ڪرڻ جو اعلان

ٻٻرلوءِ(خصوصي رپورٽ) ڪينال رٿا رد ڪرڻ تائين وڪيلن جو احتجاج جاري رهندو. وڪيل اڳواڻ سرفراز ميتلو حيدر آباد ڪراچي موٽر وي به بند ڪرڻ جي ڪال ڏئي ڇڏي آهي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسين سنڌ سان نا انصافي ڪرڻ نه ڏينداسين. هن ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو جي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته ٻاهر نڪرو احتجاج ۾ حصو وٺو ۽ موٽر وي به بند ڪريو. وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو چيو ته اسانجي احتجاج جو ڪو به ٻيو مقصد ناهي، اسين چاهيون ٿا ته ڪينال رٿا رد ڪيرڻ جو اعلان ڪيو ته اسين احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته جڏهن پاڻير سسٽم ۾ موجود ئي ناهي ته نوان ڪينال ڪڍڻ جو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو