ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي ڪراچي جي سعيد آباد علائقي مان پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو، سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگرد جي قبضي مان غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن،هي گرفتار ٿيل دهشتگرد اڳ ۾ قتل، قتل جي ڪوشش ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي، گرفتار جوابدار دهان ۽ سندس ساٿي شفيع پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگردن کي سهولتون فراهم ڪن ٿا،دهشتگرد گرفتاري کان بچڻ لاءِ بلوچستان ۾ لڪيل آهن،سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار دهشتگرد جي سڃاڻپ جي بنياد تي محمد شفيع کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيم حب موڪلي پئي وڃي.دهشتگرد محمد شفيع جو پيءُ هڪ پاڙيسري ملڪ جي پابندي مڙهيل تنظيم جو سليپر سيل هلائي رهيو آهي.










