ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دبئي مان ڪراچي پهچي ويو آهي، پارٽي ذريعن مطابق بلاول ڀٽو زرداري اڄ جمعو 18 اپريل تي حيدر آبد ۾ٿيندڙ جلسي کي خطاب ندو، جيڪو پيپلزپارٽي جي موجود سياسي لا عمل ۽ ايندڙ حڪمت عملي جي حوالي سان اهيمت وارو قرار ڏنو پيو وڃي، پارٽي قيادت ان جلسي جي ذريعي عوامي رابطا مهم کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ ۽ آئينده سياسي قدمن جو خاڪو پيش ڪرڻ جو رٿابندي ڪري رهي آهي، جلسي ۾ پارٽي جا مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ، ڪارڪن ۽ وڏي انگ ۾ عوام جي شرڪت جو امڪان آهي.










