عمرڪوٽ (ن س)عمرڪوٽ ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 جي ضمني چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار صبا ٽالپر اڳتي آهي.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 213 تي ضمني چونڊ لاءِ 498 پولنگ اسٽيشنن مان 325 جا غير سرڪاري نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جنهن مطابق پيپلز پارٽي جي صبا ٽالپر 102,360 ووٽن سان اڳتي آهي ۽ آزاد اميدوار لال چند 54,171 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.ٻئي طرف، پي پي پي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پي پي پي اين اي 213 ۾ سڀني 498 پولنگ اسٽيشنن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ پي پي پي اميدوار صبا ٽالپر 148,965 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي آهي.پي پي پي وومين ونگ جي صدر فريال ٽالپر پي پي پي اميدوار صبا ٽالپر کي مبارڪباد ڏني ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته، “مان اين اي 213 جي عوام جو شڪريو ادا ڪريان ٿي جن پي پي پي کي شاندار فتح ڏياري،فريال ٽالپر چيو ته پيپلز پارٽي جي اميدوار جي ڪاميابي عوام جي فتح آهي.ڪاميابي عوامي اڳواڻ جي نظريي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي جي فتح آهي. ڪاميابي صدر آصف زرداري جي ويزن ۽ بلاول ڀٽو جي منشور تي عوامي اعتماد جو مظهر آهي.هن قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ 18 اميدوار مقابلو ڪري رهيا آهن، جن ۾ مقابلو پيپلز پارٽي جي صبا ٽالپر ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار لال چند مالهي جي وچ ۾ آهي.هي قومي اسيمبلي جي سيٽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نواب يوسف ٽالپر جي وفات کان پوءِ خالي ٿي هئي،هوڏانهن مخالف اميد لال مالهي چيو آهي پ پ هي چونڊ پوليس جي زور تي کٽي آهي سان جتي پولنگ ايجنٽ ويهاريا اتي هنن اسان جي وڃڻ کانپوءِ انهن کي ڪڍي ڇڏيو،سڀاڻي پوري تڪ ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو آهي










