ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ آفيس جي وقت جي پابندي ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ اجلاس منعقد ٿيو. سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ آفيسرن تي آفيس جي وقتن تي عمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ پاران واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته سڀني کاتن جا آفيسر ۽ ملازم آفيس جي وقتن تي سختي سان عمل ڪن، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري آفيسرن تي زور ڏنو ته آفيسن ۾ صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي. نديم الرحمان ميمڻ ان موقعي تي مختلف آفيسن جو دورو پڻ ڪيو ۽ دير سان ايندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کي سختي سان خبردار ڪيو ته مستقبل ۾ وقت جي پابندي جو خاص خيال رکن. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز ڊاڪٽر معيزالدين پيرزادو، ڊائريڪٽر منصور احمد راجپوت، عظيم شاهه، يوسف ڪابورو، اختر سُرهيو، حزب الله ميمڻ، عزيز هڪڙو، عبدالماجد خان، انفارميشن آفيسر محمد فيصل ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.










