ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار ناقص ۽ غير محفوظ ڪمرشل گاڏين جي رجسٽريشن رد ڪرڻ ۽ گرين لائن ۽ اورنج لائن جي گاڏين کي ڪتب آڻيندي ايندڙ ھفتي نئون روٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي عورتن جي لاءِ مخصوص پنڪ اي وي اسڪوٽي اسڪيم جلد شروع ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. پنڪ اسڪوٽي جي لاءِ درخواست گذار ملازمت پيشھ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڊرائيونگ لائسنس کي لازمي قرار ڏنو ويو آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو اھم اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارتي جي ايم ڊي ڪمال دايو، پيپلز بس سروس جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صھيب شفيق ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ جي مختلف رٿائن تي اڳڀرائي ۽ روڊ سيفٽي بابت حڪومتي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ڪمرشل گاڏين جي معائني واري نظام کي جديد بڻائڻ بابت اھم فيصلا ڪيا ويا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايت تي اجلاس ۾ نيشنل ھاءِ وي ۽ سپر ھاءِ وي تي ڪمرشل گاڏين جي معائني لاءِ ايم وي آءِ سينٽر قائم ڪرڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سڄي سنڌ ۾ ڪمرشل گاڏين جي معائني لاءِ 10 ايم وي آءِ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، ڪراچي ۾ ٻھ ايم وي آءِ سينٽر اڳواٽ ئي فعال آھن، وڌيڪ سينٽرز تي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو پيو وڃي، نيشنل ھاءِ وي ۽ سپر ھاءِ وي تي اي وي اءِ سينٽرز قائم ٿيڻ سان گاڏين جي ڪراچي شھر ۾ داخلا کان اڳ ئي فٽنيس يقيني ٿي ويندي. ھن چيو تھ ڪراچي ۾ ٽي وڌيڪ ۽ سنڌ جي باقي ضلعن ۾ پنج ايم وي آءِ سينٽرز قائم ڪيا پيا وڃن، اسان ٽرانسپورٽ جي شعبي کي جديد، محفوظ ۽ عوام دوست بڻائڻ لاءِ سمورا جوڳا قدم کڻي رھيا آھيون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جون ۾ 34 نيون اي وي بسون ۽ 5 ڊبل ڊيڪر بسون ڪراچي پھچي وينديون، جڏھن تھ وڌيڪ 100 بسون بھ جون ۾ ئي ڪراچي اينديون. اجلاس جي موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ابتدائي مرحلي ۾ 500 اليڪٽرڪ ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ لاءِ بھ ضروري قدم کڻڻ جون ھدايتون جاري ڪيون. ھن چيو تھ اسان جي ڪوشش آھي تھ عوام کي سستي، ماحول دوست ۽ اعتماد جوڳيون سفري سھولتون مھيا ڪيون وڃن، سنڌ جو ٽرانسپورٽ وارو نظام ھڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رھيو آھي، جنھن ۾ ٽيڪنالوجي ۽ سھولت ٻنھي کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي.










