گهريلو جهيڙن کان تنگ اچي مڙس زال کي قتل ڪري ڇڏيو

گهريلو جهيڙن کان تنگ اچي مڙس زال کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ مڙس پنهنجي زال کي چاقو جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، گلشن اقبال بلاڪ 2 ۾ هڪ مڙس جهيڙي دوران پنهنجي زال کي چاقو جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، مقتوله صائمه کي سندس مڙس سرفراز گهريلو جهڳڙن کان تنگ اچي قتل ڪيو. اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور تي موقعي تي پهتي ۽ مڙس کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس وڌيڪ چيو ته جوڙو هڪ اسڪول جي ڇت تي رهندو هو ۽ ٻئي هڪ ئي اسڪول ۾ ڪم ڪندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو