پنجاب سنڌ جو پاڻي نه پيو چورائي، نالي ماتر قومپرست واويلا ڪن پيا

پنجاب سنڌ جو پاڻي نه پيو چورائي، نالي ماتر قومپرست واويلا ڪن پيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪئنالن بابت نالي ماتر قومپرست غلط گيم کيڏي رهيا آهن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به چوري ناهي ڪندو، معاملو اتفاق راءِ سان حل ٿي ويندو.هن چيو ته سنڌ ۾ ڪجهه قومپرست ڌريون ان مسئلي تي واويلا ڪري رهيون آهن، پر وفاقي سرڪار ان مسئلي جي حل لاءِ سنجيدا ۽ جوڳا قدم کڻي رهي آهي.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ان معاملي تي سياسي طور تي حل لاءِ سڀني کي گڏجي مشاورت ڪرڻي پوندي ۽ اسان کي اِها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته مسئلن جو حل ڳالهين ۽ مشاورت ذريعي ممڪن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو