ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سينٽرل ۾ بلڊرز جي عمارتن جي پورشن خلاف ڪريڪ ڊائون، 19 خلاف ڪيس داخل، جڏهن ته 13 کي گرفتار ڪيو ويو، ضلعي سينٽرل پوليس ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پورشن ٺاهڻ وارن بلڊرز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي. غير قانوني بلڊرز مافيا خلاف ڪارروائين ۾ 19 بلڊرز خلاف 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته 13 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن مان گھڻن کي ضمانت ملي وئي آهي جڏهن ته گھڻن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي سينٽرل ذيشان صديقي موجب، سنڌ حڪومت جي هدايتن تي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪراچي سينٽرل ۾ پورشن جي آڙ ۾ غير قانوني تعميرات ڪندڙ بلڊرز خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ تيموريه پوليس اسٽيشن ۾ ثاقب بن رئوف، ڪاشف رئوف، فهد شفيق، سلمان بيٽر، فراز، جنيد، نفيس ۽ فيصل هاشواني خلاف آءِ پي سي جي سيڪشن 384، 385، 420، 34 تحت ڪيس نمبر 270/25 داخل ڪيو ويو آهي،سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر صمد رضا ڪيس ۾ مدعي آهي، هن چيو ته ڪاشف بن رئوف کي ان سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي جوابدار يا ته فرار آهن يا ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايس بي سي اي ماجد مگسي جي شڪايت تي ناظم آباد پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر نمبر 163 داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اسد الله، دانش، سيد بابر علي، ڪاشان رضا، اويس سيد ذيشان ۽ خرم شهزاد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس بي سي اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مبشر جي شڪايت تي گلبرگ پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر نمبر 177/25 داخل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت 5 بلڊرز اسلم، ارسلان، ارشد فرحان باري جعفر ۽ عزيز کي گرفتار ڪيو ويو آهي.










