قاضي احمد: ڪاروڪاري جي الزام هيٺ ٻن نارين سميت 3 ڄڻا قتل

قاضي احمد: ڪاروڪاري جي الزام هيٺ ٻن نارين سميت 3 ڄڻا قتل

قاضي احمد: (ن س) قاضي احمد ۾ غيرت جي نالي تي ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. قاضي احمد ڀرسان ناصري ٿاڻي جي حد ۾ آمري پل ويجھو مبينا ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ ٻن نارين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ناري ٿاڻي جي حد ۾ مڙس عمر چانڊيو ڪارنهن جي الزام هيٺ زال، ڀيڻ ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مارجي ويل عورتن ۾ 16 ورهين جي ميرزادي، 25 ورهين جي مسمات زاهده ۽ 18 ورهين جو نوجوان حڪيم مهر شامل آهن.واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، پوليس موجب واقعو ڪارنهن الزام سبب پيش آيو آهي، فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو