بنون: گاڏي تي فائرنگ، پي ڊي ايم اي آفيسر سميت 2 ڄڻا زخمي

بنون: گاڏي تي فائرنگ، پي ڊي ايم اي آفيسر سميت 2 ڄڻا زخمي

بنون (ويب ڊيسڪ)بنون ۾ ڊوميله ڪاشو پل ويجهو گاڏي تي فائرنگ ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا،پوليس موجب زخمين ۾ صوبائي آفتن جي انتظام واري اداري (پي ڊي ايم اي) جو آفيسر عدنان علي شاهه به شامل آهي.پي ڊي ايم اي جو هڪ آفيسر ڪرڪ کان بنون واپس اچي رهيو هو ته سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي.زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو