وزيراعظم جي ڪاوشن سان ملڪ درست رستي تي گامزن آهي: نواز شريف

وزيراعظم جي ڪاوشن سان ملڪ درست رستي تي گامزن آهي: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته بجلي سستي ڪرڻ سان نه صرف عوام کي رليف ملندو بلڪه ايڪسپورٽ به وڌندي، ملڪ ۾ ترقي جون راهون کلنديون، نوجوانن کي روزگار ملندو، گهريلو ۽ صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيو، ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته ن ليگ جي دور ۾ هميشه عوام کي معاشي رليف ملندو آهي. مهانگائي ۾ مسلسل کوٽ پاڪستان مسلم ليگ جي ئي بهترين معاشي پاليسين جو نتيجو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو