ڪراچي واسي 4 دوست واهه ۾ ٻڏي فوت، لاش وارثن حوالي

ڪراچي واسي 4 دوست واهه ۾ ٻڏي فوت، لاش وارثن حوالي

ٽنڊو الهيار (ن س ) تيز رفتاري سبب ڪار نصير ڪينال ۾ ڪري پئي، حادثي ۾ چار ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. پوليس موجب، حادثو ٽنڊو الله يار بائي پاس تي پيش آيو، جتي هڪ تيز رفتار ڪار نصير ڪينال ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار چار ئي ماڻهو ٻڏي ويا. فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. فوت ٿيندڙن جو تعلق ڪراچي سان آهي ۽ هو پاڻ ۾ دوست هئا ۽ مائٽن سان ملڻ ميرپور خاص وڃي رهيا هئا. فوتين جي سڃاڻپ عبدالاحد شيخ پٽ محمد اسلم شيخ (23)، سمير پٽ رضوان الدين صديقي (21)، علي شان پٽ محمد اقبال (26) ۽ عديل پٽ محمد اعظم فاروقي (20) طور ڪئي وئي. ٽنڊو الهيار پوليس جي ترجمان امين گل اوڏ ، ٻڌايو ته عبدالاحد ميرپورخاص جو رهواسي هو ۽ ڪراچي منتقل ٿيو هو. هن ٻڌايو ته هو پنهنجي ڪزن، اسفند لغاري سان ملڻ لاءِ پنهنجي دوستن سان گڏ ڪرائي جي گاڏي ۾ ميرپورخاص اچي رهيو هو. هن ٻڌايو ته علي شان سيالڪوٽ، پنجاب جو رهواسي هو پر ڪراچي ۾ رهندو هو. اهي سڀئي ڪراچي جي ساڳئي پاڙي ۾ رهندا هئا. مقامي ماڻهن پوليس کي ٻڌايو ته سمير ۽ عديل به ميرپورخاص سيٽلائيٽ ٽائون جا رهواسي هئا، پر انهن جا خاندان ڪراچي منتقل ٿي ويا هئا. مقامي ڊرائيورن واهه مان لاش ڪڍيا.

پهنجو تبصرو موڪليو