ٽريفڪ اهلڪار سان بدسلوڪي ڪندڙ عورت جي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ڊفينس واري علائقي ۾ ٽريفڪ رولز جي خلاف ورزي کان روڪڻ تي ٽريفڪ پوليس جي اهلڪار سان بدسلوڪي ڪرڻ ۽ کيس ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ نامزد بااثر عورت ثناءَ  جي ضمانت ڪنفرم ڪري ڇڏي. عدالت پوليس جي جاچ آفيسر کي سندس خلاف  ڪيس جو چالان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اهڙو حڪم اربع تي ملزمه جي درخواست تي جاري ڪيو. ٻڌڻي دوران ملزمه عدالت کي ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن منهنجو بلڊ پريشر  هاءِ هو ۽  اسپتال وڃي رهي هئس. مون اهو سمجهي سگنل ڪراس ڪيو ته گرين لائيٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو