اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير امير مقام چيو آهي ته دهشتگرد پاڻ حڪومت ۾ هوندا ته دهشتگردي ڪيئن ختم ٿيندي؟پنهنجي بيان ۾ امير مقام چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مڙهيل حڪومت کان ڇوٽڪارو پهريون شرط آهي، ڇو ته دهشتگرد پاڻ حڪومت ۾ هجن ته دهشتگردي ڪيئن ختم ٿيندي؟هن چيو ته علي امين گنڊاپور صوبي کي الله جي حوالي ڪري پاڻ اسلام آباد ۾ آرام ڪري رهيو آهي، وڏي وزير ۽ سندس صلاحڪارن کي بيانن، اعلانن ۽ مشهوري مان فرصت ئي نٿي ملي. سندس چوڻ هو ته وڏي وزير ۽ صلاحڪارن کي صوبي ۽ عوام بدران اڊيالا جيل جي قيدي جي ڳڻتي آهي، علي امين گنڊاپور هدايتن لاءِ اڊيالا جيل جي در تي ويٺو هوندو ته صوبو ڪيئن هلندو؟










