حيدرآباد ۾ زال لوهه جي راڊ سان مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد ۾ زال لوهه جي راڊ سان مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (ن س)حيدرآباد ۾ هڪ زال پنهنجي مڙس کي لوهه جي راڊ ۽ لٺ سان ماري ڇڏيو، پوليس موجب، حيدرآباد جي مضافاتي علائقي ٽنڊي حيدر جي گوٺ ڀلان ڪالوني ۾ گهريلو تڪرار تي ليليٰ نالي عورت پنهنجي مڙس کي لوهي راڊ ۽ لٺ سان قتل ڪري ڇڏيو، ملزم شروعات ۾ پوليس کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نامعلوم ماڻهن سندس مڙس کي زخمي حالت ۾ گهر جي دروازي کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو ۽ هليا ويا، جڏهن ته، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ گهر جي ڀتين تي رت جي داغن ۽ 4 سالن جي ٻار جي بيان جي بنياد تي جاچ شروع ڪري ڇڏي،متاثره جي پيءُ جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ پوليس واقعي جي هر پهلوءَ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو