پرڏيهي آفيس کي اسرائيل وڃڻ وارن پاڪستانين بابت ڪا به ڄاڻ ناهي

پرڏيهي آفيس کي اسرائيل وڃڻ وارن پاڪستانين بابت ڪا به ڄاڻ ناهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستانين جي اسرائيل وڃڻ بابت ڪا به ڄاڻ ناهي.اسلام آباد ۾ هڪ نيوز بريفنگ ۾، پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي ۽ صورتحال واضح ٿيڻ کان پوءِ تبصرو ڪيو ويندو.شفقت علي خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ڪيترن ئي معاملن تي رابطي ۾ آهن، ويزا پابندين جي خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي، ۽ پرڏيهي آفيس ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ان کي قياس آرائي قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو