اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي ۾ فرق صرف ڏاڙهي جو آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته ايوان جي فلور تي بحث ڪرڻ وقت بنيادي حقيقتن کي ڄاڻڻ گهرجي.طلال چوڌري چيو ته ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي ۾ ڪو به فرق ناهي، ٻنهي پابندي مڙهيل تنظيمن جا هينڊلر پاڙيسري ملڪ ۾ ويٺا آهن.هن چيو ته ٻنهي ۾ فرق صرف اهو آهي ته هڪ کي ڏاڙهي آهي ۽ ٻئي کي ناهي.طلال چوڌري چيو ته سيڪيورٽي فورسز جنهن شاندار طريقي سان آپريشن ڪيو، ان جو ڪو مثال ناهي.بعد ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.










