اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته دفاع واري وزير کي ٿوري به شرم هجي ها ته اڄ جعفر ايڪسپريس سانحي جي ڪري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها.جعفر ايڪسپريس سانحي تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته جعفر ايڪسپريس سانحي تي ڏک جي اظهار سان گڏ مذمت به ڪريون ٿا، خواجه آصف جعفر ايڪسپريس تي ايوان کي ڀروسي ۾ وٺڻ جي بجاءِ پي ٽي آءِ تي الزام لڳائي ڇڏي، پي ٽي آءِ هنن جي ذهنن تي سوار ٿي وئي آهي، دفاع واري وزير جي ڪيل تقرير ڏسي وٺو، گهڻا ڀيرا هن بلوچستان جو نالو ورتو، دفاع واري وزير کي ٿورو به شرم هجي ته اڄ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها.هن چيو ته بطور پاڪستاني اسان هن حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، پر عوامي مينڊيٽ وارن کي جيلن ۾ رکيو وڃي ۽ جعلي مينڊيٽ وارا ايوان ۾ هجن ته ملڪ ڪيئن هلندو؟ هي پارليامينٽ عوام جي نمائندگي نٿو ڪري سگهي، پي ٽي آءِ سمجهي ٿي ته اهي سمورا مسئلا جعلي مينڊيٽ جي ڪري آهن، ملڪ ۾ نه ڪو آئين رهيو آهي نه ئي ڪنهن اداري جي عزت بچي آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ سڀني کان وڏو مسئلو سيڪيورٽي جو آهي، اهو سڀ ڪجهه خواجه آصف جي نااهلي جي ڪري ٿي رهيو آهي اسان پنهنجي ادارن کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان حقيقي عوامي نمائندن جي پارليامينٽ کي سپريم ڏسڻ چاهيون ٿا پر هتي ڳجها ادارا هڪ پارٽي کي پرچائڻ ۾ مصروف آهن. هن چيو ته اوهان قيدي نمبر 804 کي غير قانوني طور تي جيل ۾ رکيو آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان هن وقت پاڪستان جي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيو حڪومت ۾ ويٺل سموريون پارٽيون هڪ ٿي وڃن پر ان باوجود پي ٽي آءِ مقابلو ڪري کٽي ڏيکاريندي.هن چيو ته افغان پناهگيرن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ٿي رهيو آهي، اسان قانوني نه غيرقانوني پناهگيرن جي خلاف آهيون، اسان اڳ ئي جنگ جي حالت ۾ آهيون، نون مسئلن کي نه کوليو وڃي، اسان مضبوط پاڪستان ڏسڻ چاهيون ٿا. اسد قيصر وڌيڪ چيو ته آئين جي اندر پنهنجي حدن ۾ هر ادارو پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني جي ضرورت آهي، بلوچستان، سنڌ، پنجاب ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.










