اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ حافظ حمدالله خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي مولانا فضل الرحمان بابت ڳالهه ٻولهه تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. حافظ حمدالله چيو آهي ته هو علي امين گنڊاپور پاران مولانا فضل الرحمان جي غلط بياني جي مذمت ڪري ٿو. پي ٽي آءِ قيادت کي واضح ڪرڻ گهرجي ته گنڊاپور ڪنهن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي.هن چيو آهي ته علي امين گنڊاپور بار بار فحش تبصرا ڪري مثبت ماحول کي خراب ڪري رهيو آهي.حافظ حمدالله چيو آهي ته هڪ طرف پي ٽي آءِ قيادت مخالف اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف گنڊاپور مولانا فضل الرحمان بابت غير ضروري طور تي غلط بيان ڏئي رهيو آهي.










