ڪراچي: پوليس مقابلي ۾ 8 ڦورو هٿيارن سميت گرفتار

ڪراچي: پوليس مقابلي ۾ 8 ڦورو هٿيارن سميت گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گذريل رات مختلف مبينا پوليس مقابلن ۾ پنج زخمين سميت اٺ ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي گذريل رات پاڪ ڪالوني ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪيترن ئي منشيات فروشن ۽ نشي ۾ مبتلا ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، ان کان علاوه، ايس ايس پي سينٽرل موجب، 5 مارچ تي بفر زون ۾ پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيل هڪ ڌاڙيل علاج دوران فوت ٿي ويو، فوت ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ شاهنواز عرف شانو جي نالي سان ٿي، ايس ايس پي سينٽرل چيو آهي ته ملير چڪن فارم پل هيٺان مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ 1 زخمي به شامل آهي، زخمي جوابدار نديم ۽ آصف کان هٿيار، هڪ موٽرسائيڪل ۽ چوري ٿيل موبائل فون هٿ ڪيو ويو آهي، هڪ ٻي ڪارروائي ۾، ڊفينس فيز 7 قبرستان جي ويجهو هڪ مبينا پوليس مقابلي کانپوءِ راشد ۽ عمران نالي ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، اينٽي وهيڪل لفٽر سيل سپر هاءِ وي لنڪ روڊ تان عرفان لانگا نالي هڪ موٽرسائيڪل لفٽر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، سعيد آباد جي بلديا ٽائون ۾ بس اسٽاپ ويجهو ڌاڙيلن سان مقابلي کان پوءِ پوليس هڪ زخمي جوابدار سميت 3 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ لُٽيل سامان هٿ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو