ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ واٽر ڪارپوريشن پمپنگ اسٽيشن کي باهه لڳائي وئي. عملي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪائونسلر تي باهه لڳائڻ جو الزام لڳايو آهي.واٽر ڪارپوريشن جي ايگزيڪيوٽو محمد ياسين پڻ پنهنجي شڪايت ۾ ڪائونسلر شبير ۽ ڪيترن ئي نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪندي ڪيس داخل ڪيو. پوليس موجب، ڪيس ۾ ٻين دفعات سان گڏ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ شامل آهي.مدعي موجب پمپنگ اسٽيشن تي باهه لڳڻ سان 4 کان 5 لک رپين جو نقصان ٿيو، پوليس واقعي جي جاچ ۽ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن.










