ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڄامشوري ۾ سنڌوءَ دريا تي نون ڪئنالن خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي پُرامن احتجاج مٿان پوليس جي وحشياڻي تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي تہ سنڌو درياهه مٿان ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ جو مسئلو سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آھي انڪري پاڻي تي ڌاڙي خلاف سنڌ جو ٻچو ٻچو ميدان ۾ آھي ڇوته اھو مسئلو هن وقت سنڌ لاءِ ريڊ نہ پر لائف لائن بڻيل آھي. ھن اڄ ھڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو تہ سنڌ يونيورسٽيء جي هٿين خالي شاگردن جي پُر امن احتجاج مٿان پوليس جي وحشياڻي تشدد ذريعي پ پ حڪومت آمريت واري بدترين دور کي بہ پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. پر امن احتجاج ھر شھري جو ائيني ۽ قانوني حق آھي، احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان تشدد نہ صرف انساني حقن جي ڀڃڪڙي پر آئين جي بہ خلاف عمل آھي. سنڌ جو عوام گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سنڌوءَ مٿان نوان ڪئنال جوڙڻ خلاف مسلسل احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي، پر سنڌ حڪومت تڪراري ڪئنالن خلاف ڇڙو بيان بازي کان سواءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هاڻي مسلسل احتجاج جي نتيجي ۾ جڏهن سنڌ سجاڳ ٿي آهي تڏهن سنڌ حڪومت احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان رياستي تشدد ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته هوءَ ڪئنالن واري مسئلي تي وفاقي حڪومت ۽ طاقتور ڌُرين سان ٻُٽ بڻيل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ موري ۾ ۽ هاڻي وري ڄامشوري ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻندڙ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي شاگردن جي پُرامن احتجاج تي بدترين تشدد ڪيو ويو، ڳوڙها گيس جي شيلنگ ڪئي وئي ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. پُرامن احتجاج ۽ ان تي بدترين پوليس تشدد جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون رهيون پر مجال آهي جو سنڌ انتظاميا، جمهوريت کي لڄائيندڙ پوليس جي ان عمل جو نوٽيس وٺي ڪو تحرڪ وٺي. پُرامن احتجاج ڪرڻ هر شهري جو جمهوري، آئيني ۽ قانوني حق آهي، پر جمهوريت جي دعويدار پ پ حڪومت ۾پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندڙ شاگردن خلاف رياستي دهشتگردي ۽ پوليس گردي مان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته موجوده حڪمران هاڻي جمهوريت نه بلڪه آمريت ۾ يقين رکن ٿا.ھن گھر ڪئي تہ في الفور سڀني گرفتار شاگردن کي آزاد ڪري مٿس ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ پوليس گردي ڪندڙ اهلڪارن توڙي کين حڪم ڏيندڙ انتظاميه کي برطرف ڪيو وڃي.










