پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ شبلي فراز جو چوڻ آهي ته حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ته هن هڪ سال ۾ ظلم کان سواءِ ڇا ڪيو آهي، پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت عوام لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ۽ جن کي عوام رد ڪيو هو انهن کي وزير بڻايو ويو، شبلي فراز جو چوڻ آهي ته غير جمهوري طريقي سان اقتدار ۾ رهڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪابينا لوٽن ۽ ڀاڄوڪڙن کي گڏ ڪري ٺاهي وئي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. اسان چاهيون ٿا ته مولانا فضل الرحمان اسان سان گڏ هجي، مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي به ٺاهي وئي آهي، شبلي فراز وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسان سان گڏ هوندو ۽ عيد کان پوءِ سياسي جدوجهد جاري رکندو،پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چوي ٿو ته علي امين گنڊاپور جي حڪومت امن امان ۽ ٻيا مسئلا حل ڪري رهي آهي. ڪي پي ۾ دهشتگردي پريشاني جو سبب آهي. علي امين گنڊاپور امن امان برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.










