صحافي تشڪيل جو ڪيس داخل،شرجيل جو وارثن سان رابطو،تعاون جي خاطري

صحافي تشڪيل جو ڪيس داخل،شرجيل جو وارثن سان رابطو،تعاون جي خاطري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل صحافي تشيڪل سنديلو جو ڪيس ٽيپو سلطان ٿاڻي تي داخل ٿي ويو. صحافي برادري سينيئر صحافين مشتاق سرڪي، قاضي شفيق احمد، مقبول سنديلو، حزب الله تنيو، تصوير سنديلو، مشتاق ميراڻي، صفدر وڳڻ، رياض ابڙو، عمران ڪورائي ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ ٿاڻي پهچي صحافي تشڪيل سنديلو ۽ ساٿي سوار ثاقب امتياز جو ڪيس قلم 320 تحت داخل ڪرايو. صحافين پوليس کان حادثي بابت تفصيل معلوم ڪيا ۽ جوابدار جي نشاندهي جي حوالي سان ڪنهن اڳڀرائي تي گفتگو ڪئي، پوليس چيو ته جاچ جاري آهي، تمام جلد جوابدار تائين پهچي وينداسين.صحافين پوليس کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيندي جاچ جو دائرو تڪڙو وڌائي جوابدار جي جلد گرفتاري عمل ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي سينيئر صحافي مشتاق سرڪي چيو ته صحافي تشڪيل سنديلو جو قدرتي موت ناهي ٿيو، کيس روڊ حادثي ۾ قتل ڪيو ويو آهي، اسان ڪهڙي به صورت ۾ خاموش ٿي نه ويهنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي جوابدار جي گرفتاري ڪرڻ سان گڏ صحافي تشڪيل سنديلو جي معصوم ٻارڙن جي واهر لاءِ به اڳتي اچڻ گهرجي.سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران شهيد صحافي تشڪيل حيدر سنديلو جي ڀاءُ فرمان سنديلو سان رابطو، مالي سهائتا سميت هر ممڪن مدد جي خاطري، خبر موجب: سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سينئر صحافي مشتاق سرڪي سان رابطو ڪري شهيد صحافي تشڪيل حيدر سنديلو واري واقعي بابت تفصيل ورتا، ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ صحافي فرمان سنديلو سان پڻ فون تي رابطو ڪري سندس ڀاءُ شهيد تشڪيل حيدر سنديلو جي وڇوڙي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته شهيد تشڪيل حيدر سنديلو واري واقعي بابت آءِ جي سنڌ سان ڳالهائيندس، جڏهن ته شهيد جي پونئرن کي قانوني توڙي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي..

FIR Taskeel by sindhyarskr on Scribd

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو