لاهور: انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 4 شڪي گرفتار

لاهور: انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 4 شڪي گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) لاهور زون انساني اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ انساني اسمگلر سميت چئن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي ترجمان چيو ته گرفتار جوابدارن ۾ ريڊ بڪ مان هڪ انتهائي گهربل جوابدار به شامل آهي، گرفتار جوابدار بيگناهه شهرين سان ويزا فراڊ ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ترجمان چيو ته گرفتار جوابدار راحيل پرويز ريڊ بڪ ۾ گهربل انساني سمگلر آهي. جوابدار 2019 کان اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل لاهور کي گهربل هو. جوابدار شهرين کي ڪينيڊا موڪلڻ لاءِ 9 ملين رپيا گڏ ڪيا. ايف آءِ اي ترجمان چيو ته ٻيا جوابدار غير قانوني ٽريول ايجنسي هلائي رهيا هئا، ۽ جوابدار شهرين کان لائسنس کانسواءِ پاسپورٽ وصول ڪري رهيا هئا.ترجمان چيو ته جوابدار وڏي پئماني تي پئسا حاصل ڪري ويزا فراڊ ڪندا هئا، جوابدار کان 12 پاڪستاني پاسپورٽ، تعليمي دستاويز ۽ موبائل سم هٿ ڪيون ويون آهن.ايف آءِ اي ڊائريڪٽر سرفراز ورڪ جو چوڻ آهي ته انساني اسمگلنگ تي زيرو ٽالرينس پاليسي لاڳو ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو