پشاور(ويب ڊيسڪ) رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو ۽ پاڪستان ۾ ڪٿان به چنڊ ڏسڻ جي شاهدي نه ملي، جنهن بعد اوقاف هال ۾ چيئرمين مولانا عبدالخيبر آزاد پريس ڪانفرنس ڪندي چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو. موسميات کاتي موجب، ملڪ ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان گهٽ آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ صبح 5:44 تي چنڊ جي پيدائش ٿيندي، جڏهن ته چنڊ نظر اچڻ لاءِ ان جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 16 کان 18 ڪلاڪ هجڻ گهرجي. موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ ڪڪر آهن، جڏهن ته بلوچستان ۽ پنجاب ۾ آسمان صاف آهي. سپارڪو جو چوڻ آهي ته چنڊ جي بلندي ۽ فاصلي سبب اڄ نظر اچڻ مشڪل آهي. ترجمان موجب، پاڪستان ۾ رمضان 2 مارچ 2025 کان شروع ٿيندو، جڏهن ته سعودي عرب ۾ 28 فيبروري تي چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ سعودي عرب م پهريون روزو ڇنڇر تي ٿيندو.










