پشاور (ويب ڊيسڪ)رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ پشاور ۾ ٿيندو.مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس شام 6:30 وڳي شروع ٿيندو. ٻين مرڪزي ميمبرن ۽ عالمن کان علاوه، سپارڪو ۽ موسميات کاتي جا عملدار به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. وفاقي حڪومت ملڪ ۾ رمضان المبارڪ هڪ ئي وقت منعقد ڪرڻ جي ڪوشش طور پشاور ۾ چنڊ ڏسڻ جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو هو.










