منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائي، 3 شڪي گرفتار

منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائي، 3 شڪي گرفتار

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ڪوئيٽا جي مختلف علائقن ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪارروائي ڪندي 200 ڪلوگرام چرس ۽ 2 ڪلوگرام برف هٿ ڪري 3 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو. اي اين ايف جي ترجمان موجب، ڪوئيٽا جي ٻاهرئين علائقي ڪچلاڪ بائي پاس تي بادام جي 8 ٻورين ۾ لڪايل 200 ڪلوگرام حشيش هٿ ڪئي وئي، ڪارروائي ۾ هڪ شڪي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.اي اين ايف جي ترجمان چيو ته هڪ ٻي ڪارروائي ۾، ايئرپورٽ روڊ جي ويجهو ٻن شڪي ماڻهن کان 2 ڪلوگرام برف هٿ ڪئي وئي.گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو