اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري 10 مارچ تي پگهاردار ۽ محدود آمدني وارن گروپن لاءِ وڏين مراعتن جو اعلان ڪندو، صدر نئين پارلياماني سال جي شروعات ۾ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي حڪومت طرفان اهم اعلان ڪندو. حڪومت صدارتي تقرير لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، نئين پارلياماني سال جي شروعات ۾ حڪومت پگهاردار ۽ گهٽ آمدني وارن گروهن لاءِ فراخدلانه ترغيبن جو اعلان ڪندي، جيڪا حڪومت جي ٻئي سالياني بجيٽ ۾ يقيني بڻائي ويندي، جنهن ۾ سڀني ترغيبن جي تفصيل شامل هوندي.انهن حڪومتي قدمن جو اعلان صدر آصف علي زرداري جي خطاب جو حصو هوندو، جيڪو هو آئيني گهرج کي پورو ڪندي، نئين پارلياماني سال جي شروعات لاءِ 10 مارچ تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس ۾ ڏيندو.










