9 مئي سانحي ۾ عمران براهه راست ملوث،نگران جي رپورٽ

9 مئي سانحي ۾ عمران براهه راست ملوث،نگران جي رپورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران حڪومت دوران ڪيل 9 مئي جي سانحي جي واقعن جي جاچ جا تفصيل سامهون آيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي 2023 جا واقعا باقاعده منصوبابندي تحت ڪيا ويا، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو باني عمران خان انهن واقعن ۾ سڌي طرح ملوث هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تشدد کي ڀڙڪائڻ ۾ پي ٽي آءِ جي درجنين اڳواڻن ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته شاهه محمود قريشي ۽ چوڌري پرويز الاهي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود، جاچ رپورٽ ۾ انهن جا نالا شامل نه آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ رپورٽ ۾ حماد اظهر، زرتاج گل، مراد سعيد، علي امين گنڊاپور ۽ شاندانه گلزار جا نالا شامل آهن.ان کان علاوه جاچ رپورٽ ۾ فرخ حبيب، علي زيدي، ڪنول شوزب، شهريار آفريدي، سينيٽر اعجاز چوڌري، فيصل جاويد، ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ محمود الرشيد کي به ملوث قرار ڏنو ويو آهي.عمر چيما، حسن نيازي، عاليه حمزه، جمشيد اقبال چيما، ۽ مسرت چيما، جيڪي سڀ پاڪستان تحريڪ انصاف جا ميمبر هئا، پڻ انهن پرتشدد واقعن ۾ ملوث هئا. ذريعن موجب، عليمه خان تي تشدد کي ڀڙڪائڻ جو به الزام لڳايو ويو آهي. صداقت عباسي، واثق قيوم، نوشين حامد، عامر ڊوگر ۽ زين قريشي پڻ 9 مئي تي تشدد جي ڪاررواين جي حمايت ڪري رهيا هئا.انهن اڳواڻن کان علاوه، طيبه ابراهيم، شبانه فياض، اظهر مير ۽ عامر مغل سميت 80 کان وڌيڪ اڳواڻن کي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو