شيخوپورهه (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ نواز (پي ايم ايل اين) جي سينئر اڳواڻ ميان جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته راءِ جي اظهار تي پابندي لڳائڻ سان ملڪ جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو موقعو ڏنو وڃي. پاڪستان ۾ رياست کي تباهه ڪندڙ ماڻهن کي اعليٰ عهدو ڏنو ويندو آهي، جيتوڻيڪ انهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.شيخوپوره جي ڳوٺ ڪدلٿي موڙ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ميان جاويد لطيف چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي جو ضامن آهي.هن چيو ته 2017 ۾ ميان نواز شريف کي هڪ سازش تحت نااهل ڪيو ويو، نواز شريف کي نااهل ڪرڻ کان پوءِ هڪ بت تراشي آسمان تي بلند ڪيو ويو، جيڪو به ملڪ کي ترقي جي رستي تي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ان کي هتي مثال بڻايو ويندو آهي.










