اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سينيٽرن پنهنجي ميمبرن جي معطلي جي معاملي تي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر جي استعيفيٰ ۽ مخالف ڌر جي سينيٽرن کان معافي جو مطالبو ڪيو،ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال ناصر خان فيصلو ڏنو ته ٽن مخالف سينيٽرن نامناسب لفظن جو استعمال ڪري ايوان جي تقدس جي خلاف ورزي ڪئي. انهن جو رويو ايوان جي گهرجن مطابق ناهي. معطل ڪرڻ ۽ واپس وٺڻ جو اختيار هجڻ جي باوجود، اهي معاملو مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ايوان جي اڳواڻ تي ڇڏي ڏين ٿا.سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر ماڊريٽر جي بدران پارٽي بڻجي ويو، جڏهن حڪومت خلاف تحريڪ تي ڳڻپ جو نتيجو آيو ته هن اهو نتيجو روڪي ڇڏيو. ڊپٽي چيئرمين کي ڳڻپ جو نتيجو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.جڏهن وفاقي قانون وارو وزير اعظم تارڙ تقرير ڪرڻ لاءِ آيو ته مخالف ڌر جا ميمبر نعرا لڳائيندا رهيا.










