ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار حادثن کي نظر ۾ رکندي ان فٽ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي ٽرانسپورٽ کاتي پوري سنڌ ۾ ان فٽ ڪمرشل گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آھي. ٽرانسپورٽ کاتي لاڳاپيل اختيارين کي ان فٽ ڪمرشل گاڏين خلاف ترت ۽ اثرائتين ڪاررواين جي ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن، ٽرانسپورٽ کاتي جو چوڻ آھي ته ڪيتريون ئي گاڏيون ٻين صوبن جي موٽر وھيڪل انسپيڪٽرز جا جاري ڪيل فٽنس سرٽيفڪيٽ استعمال ڪري رھيون آھن، ھي ھڪ سنگين مسئلو آھي، ڇاڪاڻ ته انھن گاڏين جو سنڌ جي ايم وي آئز (موٽر وھيڪل انسپيڪٽرز) ذريعي فزيڪل معائنو نه ٿيو آھي ۽ نه ئي انھن گاڏين کي مقرر ڪيل طريقيڪار تحت فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا آھن. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ٻين صوبن ۾ رجسٽرڊ ڪيتريون ئي ڪمرشل گاڏيون مستقل طور تي سنڌ ۾ ھلي رھيون آھن، اھڙين گاڏين کي ٻين صوبن جي اختيارين پاران فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا آھن، اسان کي لڳي ٿو ته سرٽيفڪٽيس جاري ڪرڻ وقت گاڏين جو معائنو نه ڪيو ويو ۽ انھن سرٽيفڪيٽس جي صداقت ۽ معيار تي سواليه نشان آھي. ھن چيو ته سنڌ جي روڊن تي ان فٽ گاڏين جي موجودگي ٽريفڪ حادثن ۽ حياتيون کسڻ وارن واقعن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رھي آھي، مشيني خرابين جي ڪري ڊرائيورن ۽ پيدل ھلڻ وارن جون حياتيون داءُ تي لڳل رھنديون آھن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڄي سنڌ ۾ رجسٽرڊ ڪمرشل گاڏين کي نوان فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻا پوندا، فٽنس سرٽيفڪيٽس سنڌ جا ايم وي آئز ذريعي جاري ڪيا ويا ۽ اُنھن ۾ ڪيو آر ڪوڊ سميت جديد سڪيورٽي فيچرز شامل ھوندا. ھن چيو ته ٻين صوبن ۾ رجسٽرڊ پر سنڌ ۾ مستقل طور تي ھلندڙ ڪمرشل گاڏين کي به سنڌ سرڪار کان فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻا پوندا، روٽ پرمٽ جي جاري ٿيڻ يا تجديد وقت، سمورين ڪمرشل گاڏين کي ڪيو آر ڪوڊ واري مستند سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ ضروري ھوندو،سمورين ڪمرشل گاڏين جي ڊرائيورن وٽ مستند ڊرائيونگ لائسنس ھجڻ به لازمي قرار ڏنو ويو آھي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انھن قدمن جي مقصد سنڌ ۾ ھلندڙ ڪمرشل گاڏين جو مناسب معائنو ۽ تصديق يقيني بڻائڻ ۽ غير موزون گاڏين جي ڪري ٽريفڪ حادثن ۾ گھٽتائي آڻڻ آھي، ان فٽ گاڏين جي بنا ڪنھن روڪ رنڊڪ جي نقل و حرڪت انساني حياتين لاءِ وڏو خطرو آھي، سمورين ڪمرشل گاڏين کي ھڪ شفاف فٽنس سرٽفڪيشن سسٽم ۾ آندو پيو وڃي.










