لوئر ڪرم ۾ گرينڊ آپريشن،18 دهشتگرد ۽ سهولتڪار گرفتار

لوئر ڪرم ۾ گرينڊ آپريشن،18 دهشتگرد ۽ سهولتڪار گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم ايجنسي جي لوئر ڪرم علائقي ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز پاران دهشتگردن خلاف وڏي پيماني تي آپريشن جاري آهي، جنهن دوران 18 دهشتگرد ۽ 2 سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا آهن.پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز ڪرم ايجنسي جي لوئر ڪرم علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن دهشتگردن جي ڳولا پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي جن جي سرن جي قيمت خيبر پختونخواه حڪومت مقرر ڪئي هئي.پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز لوئر ڪرم جي باگان، مندورائي اُچت ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران ريجنل پوليس آفيسر (آر پي او) ڪوهاٽ عباس مجيد مروت موجود هو.آر پي او ڪوهاٽ چيو ته فورسز پاران هنگو ۽ ڪوهاٽ ۾ پڻ ڇاپا هنيا ويا آهن. دهشتگردن ڪالهه ڪمانڊنٽ ڪرم مليشيا جي قافلي کي نشانو بڻايو، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ڪجهه سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا.هن چيو ته ڪرم، هنگو ۽ ڪوهاٽ ۾ دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جن جي سرن تي صوبائي حڪومت انعام مقرر ڪيو آهي.آر پي او چيو ته آپريشن دوران گهر گهر تلاشي پڻ ورتي پئي وڃي. گهربل دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪرم ۽ هنگو ضلعن جي سرحدي جبل وارن علائقن ۾ پڻ سرچ آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو