ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اتر سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي سرڪاري سرپرستي خلاف بحالي امن ايڪشن ڪميٽيءَ ۽ جماعت اسلامي طرفان صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ جي قيادت ۾ ڪندن چوڪ انڊس باء پاس وٽ زبردست ڌرڻو ھنيو ويو. انڊس ھاءِ وي تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي سبب ڪراچي پنجاپ ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. شروع ۾ ڊي آء پي انچارج شاھجھان شاھ ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت پوليس اٽالن سان ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ جي ڪوشش ڪئي پر انھن جي ڀرپور مزاحمت سبب پوليس پسپا ٿي موٽي وئي. شرڪاء ”امن کپي بس امن کپي، امن جي نگري امن گھري ٿي، ڌاڙيل راڄ نا منظور“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا. ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي کان علاوہ بحالي امن ايڪشن ڪميٽيءَ ۾ شامل سياسي، سماجي، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن توڙي واپارين، صحافيءَ برادريءِ، وڪيلن، اقليتن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پڻ خطاب ڪيو. اڳواڻن گھر ڪئي تہ ڌاڙيلن ۽ انھن جي سرپرستن خلاف ڀرپور آپريش ۽ تمام مغوين کي جلد بازياب ڪرائي سنڌ جو امن بحال ڪيو وڃي.جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پنھنجي خطاب ۾ عيد کان بعد فيصلا ڪن تحرڪ جو اعلان ڪندي چيو تہ جيڪڏھن حڪومت امن بحالي ۾ سنجيدگي ڪونہ ڏيکاري تہ رمضان شريف کان پوءِ ٻٻرلو کان ڪراچي تائين نيشنل ھاء وي کي بلاڪ ۽ وزير اعليَ ھائوس جو گھيراء ڪيو ويندو. ھن گھر ڪئي پيپلزپارٽي پنھنجي صفن مان ڌاڙيلن جي سرپرستن کي ٻاھر ڪڍي. ھن چيو تہ سنڌ ۾ 17سالن کان پ پ جي حڪومت قائم آھي. ناپر ڪوٽ ۾ 9 پورھيتن کي اغوا ڪيو ويو. اھڙي طرح شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ گھوٽڪي مان ڪيترائي ماڻھو اغوا ٿيل آھن، پر پوليس صرف ڀوتارن جي پروٽوڪول ۾ لڳل آھي. پوليس رينجرز ايف سي ۽ پنوعاقل ڇانوڻي ھجڻ جي باوجود سنڌ جو عوام امن کان محروم آھي. ھن چيو تہ پ پ حڪومت جو سنڌ ۾ ٻٽو ۽ منافقاڻو ڪردار آھي غريب ۽ امير لاءِ الڳ الڳ قانون آھي. حڪمران روز عوام کي لولي پاپ ڏيئي رھيا آھن .ھن چيو تہ مڙني مغوين جي بازيابي ۽ امن جي بحالي تائين اسان جي جنگ جاري رھندي.اقليتي اڳواڻ ۽ شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر مھر چند چيو تہ امن اسان جي ڊمانڊ نہ پر حڪومت جي ذميواري آھي. اسان کي صرف امن کپي. عوام امن ۽ پنھجي حقن لاءِ ميدان ۾ نڪري، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ڌاڙيل راڄ ۽ اغوا انڊسٽري حوالي سان مشھور آھي،ايم ڊبليو ايم جي مرڪزي اڳواڻ علامہ مقصود احمد ڊومڪي چيو تہ ھڪ سردار تي حملو ٿيو تہ مرادعلي شاھ سميت سڀئي سردار ٻاھر نڪري آيا ھتي غريبن جو الڳ تہ اميرن لاءِ الڳ پاڪستان آھي ،ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ جي صدر اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو تہ امن اسان جي ٻچن ضرورت آھي. امن کان سواءِ ڪجھ بہ نٿو ٿي سگهي. سنڌ جو وڏو وزير مرادعلي شاھ امن بحال نٿو ڪرائي سگھي تہ ڪرسي خالي ڪري. پيپلزپارٽي حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ بدران ڌڙيلن جي سرپرست بڻيل آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف چيو تہ سنڌ جو عوام ڌاڙيل راڄ کي قبول ڪونہ ڪندا. جيڪو جديد اسلحو پوليس وارن وٽ بہ ڪونہ آھي اھو ڏوھارين وٽ موجود آھي. ايس يو پي جي ڊويزنل صدر ظريت ساگر بجاراڻي چيو تہ امن جي ڳولا ھر انسان پکي پرندي جي بہ ضرورت آھي . سنڌ م آرٽيفيشل ڌاڙيل راڄ جا پيرا پ پ جي چونڊيل نمائندن جي گھرن ڏانھن وڃن ٿا ،پي ٽي آء جي اڳواڻ عبدالعزيز سومرو چيو تہ جماعت اسلامي واحد جماعت آھي جنھن ھيشہ عوام جي ترجماني ڪئي آھي. پيپلزپارٽيءَ جي سرپرستي ۾ ڌڙيل راڄ قائم آھي. ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻن حافظ نصرالله چنا، علامہ حزب الله جکرو، سھيل شارق جي يو آء جي علي حسن مارفاڻي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي عبدالسمع بلالي، ڪميونسٽ پارٽي جي ممتازمنگي،سنڌي ادبي سنگت جي زبير سومرو، تبديلي پسند جي ھمير چانڊيو، سول سوسائٽيءَ جي ظفر علوي، راشد لاشاري ، عادل جان شيخ ، وڪيل اڳواڻ علي اصغر پھوڙ، جيئي سنڌ محاذ جي عمران منگي اسداللہ سومرو، ضلعي شڪارپور جي امير عبدالسميع ڀٽي ، مقامي امير مولانا صدرالدين مھر پڻ ڌرڻي کي خطاب ڪيو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امداد اللہ بجاراڻي سرانجام ڏنا.










