لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ سبب واپاري زخمي، ڪراچي آڻيندڙ ايئر ايمبولينس خراب

لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ سبب واپاري زخمي، ڪراچي آڻيندڙ ايئر ايمبولينس خراب

لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل نقاب پوش شخص فائرنگ ڪري هڪ واپاري کي زخمي ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻي شهر ۾ ٻن واپارين تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جتي هڪ نامعلوم نقاب پوش شخص واپاري سنجي ڪمار تي لٽ مار ڪرڻ کانسواءِ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ واپاري زخمي ٿي پيو،واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڦرلٽ جو ڪو به واقعو ظاهر نه ٿيو،ذريعن موجب زخمي واپاري کي ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ ايئر ايمبولينس لاڙڪاڻي موڪلي وئي، جنهن تي سنجي ڪمار کي راڪو اسپتال کان موهن جو دڙو ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو،ايوي ايشن ذريعن موجب، زخمي واپاري کي ايئر ايمبولينس ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ وينٽيليٽر تي رکيو ويو، پر ايئر ايمبولينس جهاز ۾ روانگي دوران فني خرابي پيدا ٿي وئي، جنهن کان پوءِ واپاري کي ايئر ايمبولينس مان ڪڍي واپس اسپتال منتقل ڪيو ويو،ذريعن موجب، رات جو ٻي ايئر ايمبولينس لاڙڪاڻي پهتي، جنهن ۾ زخمي شخص کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو