اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني قوم ترڪ صدر ۽ خاتون اول ڀرپور آجيان ڪري ٿي، صدر طيب اردگان بصيرت رکندڙ سياستدان آهي، جنهن ترڪيه کي تبديل ڪري ڇڏيو، صدر اردگان جي قيادت ۾ پاڪ ترڪ ڀائپي لاڳاپا مضبوط ٿيندا پيا وڃن، ترڪيه صدر جي دوري تي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ بلندين تائين پهچائڻ جا خواهشمند آهن.ترڪ صدر جي پاڪستان آمد تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صدر طيب اردگان بصيرت رکندڙ سياستدان آهي، جنهن ترڪيه کي تبديل ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته صدر اردگان جي قيادت ۾ پاڪ ترڪ ڀائپي لاڳاپا مضبوط ٿيندا پيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪيه صدر جي دوري تي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ بلندين تائين پهچائڻ جا خواهشمند آهن.










