وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو

وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف اڄ گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو، جتي هو ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ شرڪت ڪندو.وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي.سربراهي اجلاس ۾ وڏي تعداد ۾ رياستن حڪومت جا سربراهه، عالمي پاليسي ساز ۽ خانگي شعبي جون اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون.مارچ 2024 ۾ عهدو سنڀالڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو هي يو اي اي جو ٻيو دورو آهي، وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به هوندو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻيا اهم ڪابينا ميمبر شامل هوندا.وزيراعظم گڏيل معاشي ترقي، ڊجيٽل تبديلي ۽ گورننس سڌارن لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪندو، ۽ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ به اهم خطاب ڪندو.وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت سان ٻطرفي ملاقاتون پڻ ڪندو.وزيراعظم شرڪت ڪندڙ ملڪن جي رياست ۽ حڪومت جي سربراهن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو