صدر پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ لزبن روانو

صدر پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ لزبن روانو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ پرتگال روانو ٿي ويو آهي.صدر آصف علي زرداري پرتگال جي راڄڌاني لزبن ۾ پرنس ڪريم آغا خان جي پٽ ۽ اسماعيلي ڪميونٽي جي 50هين امام پرنس رحيم آغا خان سان ملاقات ڪندو.صدر آصف علي زرداري پرتگال جي صدر مارسيلو ريبيلوڊي سوسا سان به ملاقات ڪندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پرتگال جي شهر لزبن ۾ اسماعيلي مسلم ڪميونٽي جي امام پرنس ڪريم آغا خان جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. پرنس ڪريم آغا خان جي تدفين اڄ مصر جي شهر اسوان ۾ ڪئي ويندي.پاڪستان جي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پرنس ڪريم آغا خان جي جنازي نماز ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير اسماعيلي ڪميونٽي جي 50هين امام پرنس رحيم آغا خان سان به ملاقات ڪئي ۽ صدر، وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام طرفان تعزيت جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو