ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ حادثن بابت اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيو ويو،ترجمان چيف سيڪريٽري موجب اجلاس سومر 10 فيبروري تي چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيندو،اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، سيڪريٽري صحت، ڊي آءِ جي ٽريفڪ سميت ٻيا عملدار شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ اين ايڇ اي عملدار، ايڊيشنل آءِ جي موٽروي، ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ سمورا ڊويزنل ڪمشنرن شرڪت ڪندا،اجلاس ۾ هيوي ٽريفڪ کي ريگيوليٽ ڪرڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو آهي ته ٽريفڪ حادثن جي روڪ ٿام لاءِ شهر ۾ ٽريفڪ پوليس جي نفري وڌائي ويندي،موٽر سائيڪل سوارن لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي ويندي،شهر ۾ ٽرڪ، ڊمپر ۽ واٽر ٽينڪر سبب ٿيندڙ فوتگين تي افسوس آهي.










