پي ٽي آءِ ٻين کي جمهوريت جو سبق ڏيڻ بدران پنهنجي اندر جهاتي پائي

پي ٽي آءِ ٻين کي جمهوريت جو سبق ڏيڻ بدران پنهنجي اندر جهاتي پائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر ۽ بلاول ڀٽو زراداري جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ٻين کي جمهوريت جو سبق ڏيڻ بدران پاڻ کي اندر جهاتي پائي ڏسين، بئرسٽر مرتضيٰ وهاب پي ٽي اڳواڻ عمر ايوب جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيوته پيپلزپارٽي جي جمهوريت لاءِ قربانين کي دنيا ڄاڻي ٿي، جمهورت جي بحالي ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت پنهنجا سر قربان ڪيا آهن، هن چيوته ڊڪٽيٽرن جي پاڇي ۾ پلندڙن جمهوريت مان ڇا ڄاڻين، جمهوريت پسند پي ٽي آءِ جو کول 9 مئي جي تڪليف ڏيندڙ واقعن سڀني تي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، مرتضيٰ وهاب چيوته بي ڏوهه ڪارڪنن کي رياست خلاف بيانيي تي لڳائيندڙ ڪير آهن، ڏکي وقت ۾ڪارڪنن کي پنهنجو مڃڻ کان نڪار ڪري ڇڏيو،ڇا هي جمهوريت آهي، الزام لڳائڻ پي ٽي آءِ جي پراڻي عادت آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو