خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سڀاڻي پنهنجي 32هين سالگرهه ملهائيندي

خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سڀاڻي پنهنجي 32هين سالگرهه ملهائيندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد، صدر آصف علي زرداري جي ڌيءُ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سڀاڻي( سومر )3 فيبروير تي پهنجي 32هين سالگرهه ملهائيندي ان مناسبت سان پيپلزپارٽي جي اهتمام هيٺ سڄي ملڪ ۾ تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ آصفه ڀٽو جي ساگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ سان گڏ ان جي ڊگهي ڄمار لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون، ڀٽو ليگسي فائنڊيشل جي اهتمام هيٺ پيپلزپارٽي جي سينٽرل پنجاب جي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ به ڪيڪ ڪاٽڻ جي به تقريب ڪوٺائي ويندي، جنهن جو خاص مهمان اڳڻو پنجاب جو گورنر مخدوم احمد محمود هوندو، تقريب ۾ پيپلزپارٽي لاهور جا اڳواڻ تنظيم عهديدا، ٽڪيٽ هولڊر، الائيڊ ونگس ۽ ڪارڪن شرڪت ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو