ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته چولستان ڪئنال ڪالا باغ ڊيم کان بہ وڌيڪ خطرناڪ رٿا آهي، سنڌ جي آباد زمينن کي بنجر ڪرڻ ۽ ٻين صوبن جي غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ جو منصوبو غير قانوني ۽ سراسر ظلم آهي. سنڌ جي عوام کي وفاق جو اھو منصوبو قبول نہ آهي، واپڊا جي چيئرمين جي بيان تي پيپلز پارٽي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري. سنڌ ۾ بحالي امن ايڪشن ڪميٽي جي فيصلن مطابق بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف 16 فروري تي شڪارپور ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو. هن اهم ۽ قومي مسئلي تي عوام کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪريون ٿا. سنڌ سرڪار جو بيوروڪريٽن کي وي سي ٺاهڻ لاءِ اهل قرار ڏيڻ تعليم دوستي نه پر دشمني جي دليل آهي. 5 فيبروري تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ ڪشميرين سان ايڪتاجو ڏھاڙو ملھايو ويندو. اھڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ سنڌ جي ضلعي اميرن جي اجلاس ۾ ڪيو.نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، محمد افضال آرائين، منعم ظفر خان، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽريز ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا پڻ هن موقعي تي موجود هئا. اجلاس ۾ ڪراچي سميت سموري سنڌ مان ضلعي عھديدارشريڪ ٿيا ۽ ضلعي ٽن مھينن جي ڪارڪردگي رپورٽ ملٽي ميڊيا ذريعي پيش ڪئي . اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي، تنظيمي ۽ دعوتي معاملن تي غور ڪيو ويو ۽ 5 فيبروري تي يوم يڪجھتي ڪشمير سميت اڳتي جي رٿابندي تي پڻ غور ڪيو ويو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته ٻن لکن مان 140 سيڪڙو اضافو ٿيڻ کانپوءِ هر رڪنِ پارليامينٽ جي پگھار ۾ 5 لک 19 هزار ڪري ڇڏڻ ظلم آهي. مهانگائي ۽ بدامني سبب عوام جي زندگي زھر ٿي چڪي آهي، پر حڪمرانن ۽ بيوروڪريسي جي شاهي خرچن ۽ مراعاتن ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي نظر اچي رهي.#










