گهوٽڪي (ن س )سنڌ رينجرز ۽ پوليس علائقي ۾ ڪارروائيون جاري رکي رهيون آهن، ۽ گهوٽڪي ۾ هڪ ڪارگو ڪنٽينر تي ڌاڙيلن جي حملي کي ناڪام بڻايو ويو.رينجرز ترجمان موجب هٿياربند ڌاڙيلن پاران ڪارگو ڪنٽينر ۽ عملي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، جڏهن ته هٿياربند ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا،رينجرز ترجمان موجب، رينجرز جي جوابي ڪارروائي کان پوءِ هٿياربند ڦورو ڪنٽينر ڇڏي فرار ٿي ويا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،رينجرز ترجمان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اهڙن عنصرن ۽ فردن جي سڃاڻپ ڪن جيڪي ڌاڙيلن کي پناهه ڏئي رهيا آهن.










